طفيل علي عبدالرحمان

طفيل علي عبدالرحمان

طفيل علي عبدالرحمان

طفيل علي عبدالرحمان: مشهور وڪيل، طفيل علي عبدالرحمان سنڌ جي مشهور بئريسٽر عبدالرحمان جو پُٽ، ۽ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس جنم 24 سيپٽمبر 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان هوشيار هوندو هو. مئٽرڪ تائين تعليم نيروبي آفريڪا مان، ۽ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. طفيل علي عبدالرحمان وڪالت جي شروعات ڪمپني لا (جنهن کي اڄ ڪوآپريٽو لا چئجي ٿو) ۾ پرئڪٽس ڪرڻ سان ڪئي. ايڊووڪيٽ طفيل علي عبدالرحمان ۽ سندس وڏو ڀاءُ حسن علي عبدالرحمان سنڌ مسلم لا ڪاليج جا باني آرڪيٽيڪٽ هُئا. هن 1943ع ۾ سنڌ چيف ڪورٽ (جنهن کي اڄ ڪلهه هاءِ ڪورٽ چوندا آهن) جي وڪيلن واري بار ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1952ع ۾ سنڌ جو اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ٿيو. 59-1958ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1959ع ۾ پاڪستان جي دستوري ڪميشن جو ميمبر نامزد ٿيو. 1960ع ۾ پاڪستان جي آئيني ڪميشن جو ميمبر نامزد ٿيو. 1960ع ۾ پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ 1961ع ۾ پاڪستان جو اٽارني جنرل مقرر ٿيو. 1966ع کان 1969ع تائين اولهه پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1967ع ۾ قانون ۾ سڌاري آڻڻ لاءِ وهاريل ڪميشن جو ميمبر نامزد ٿيو. 1970ع کان 1975ع تائين سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو. 1971ع واري جنگ بابت انڪوائري ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جيڪا ڪميشن ’حمودالرحمان‘ جي نالي سان مشهور آهي. ڪجهه عرصي لاءِ بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ جو قائم مقام گورنر پڻ رهيو. ملڪ جي اندر توڙي ٻاهر کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ هڪ لک کان به وڌيڪ ڪتاب رکيل هوندا هئا، جن ۾ قانوني ۽ جديد انگريزي ادب جي ڪتابن جي گهڻائي هئي. کيس فوٽوگرافيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو جو پاڻ پنهنجي گهر ۾ هڪ ڊارڪ روم پڻ قائم ڪيو هو، جتي هو پنهجيون تصويرون پاڻ ڊولپ ڪندو هو ۽ کيس بِرج (تاش) راند ۾ مهارت حاصل هئس. هن 16 جنوري 1975ع تي چونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ايڊووڪيٽ طفيل علي عبدالرحمان عدليا جي آزادي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي کيس سندس وفات جي 30 سالن کان پوءِ پاڪستان سپريم ڪورٽ پاران 2006ع ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو.


لفظ طفيل علي عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.09.24  عيسوي

طفيل علي عبدالرحمان جو جنم 24 سيپٽمبر 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


1975.01.16  عيسوي

طفيل علي عبدالرحمان 16 جنوري 1975ع تي چونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلو سي راڻي
آخوند حاجي دين محمد
عبدالحق شيخ 2
جهانگير خان
سنگهار علي گڻسار
ابراهيم جويو
ڀائي خان شر
ثمينه پيرزاده
بيبي راستي
بيبي خيرالنساءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون